جين زي تي ڪنگنا رناوت جو هڪ ڀيرو ٻيهر وار، ”ڪاکروچ آهيو ته گٽر ۾ ئي رهندؤ“

فہرستِ مضامین

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي ميمبر پارليامينٽ ڪنگنا رناوت ڀارت جي جين زي نسل کي ”گٽر جنريشن“ قرار ڏيڻ واري پنهنجي اڳوڻي بيان تي هڪ ڀيرو ٻيهر وضاحت ڪندي نئون تڪرار پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ شاگرد تنظيم ڪاڪروچ جنتا پارٽي (CJP) پاران نئين دهلي ۾ پيپر ليڪ واري معاملي خلاف احتجاج ڪيو ويو هو.

احتجاج دوران ڪنگنا رناوت جين زي نسل کي ”گٽر جنريشن“ قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا صارفين سان گڏ شوبز دنيا جي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن به اداڪارا تي سخت تنقيد ڪئي هئي.

سخت تنقيد کانپوءِ ڪنگنا رناوت پنهنجي موقف ۾ نرمي آڻيندي جين زي نسل جي تعريف پڻ ڪئي هئي.

هن چيو هو ته کيس خوشي آهي ته ملڪ جي نوجوان نسل باشعور آهي ۽ معاملن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

پر هاڻي ڪنگنا هڪ ڀيرو ٻيهر جين زي کي ”گٽر جنريشن“ سان جوڙيندي نئون بيان ڏئي ڇڏيو آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنگنا رناوت چيو ته جيڪي ماڻهو پاڻ کي ڪاڪروچ چون ٿا، جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته ڪاڪروچ گٽرن مان نڪرندا آهن ته ان ۾ غلط ڇا آهي؟

اداڪارا جو چوڻ هو ته هوءَ پاڻ کي ڪاڪروچ نٿي سمجهي ۽ جيڪڏهن ڪو کيس چوي ته هوءَ گٽر ۾ رهي ٿي ته هوءَ ان ڳالهه جي ترديد ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ڪاڪروچ هجڻ جو دعويٰ ڪري ٿو ته فطري طور تي اهو گٽر ۾ ئي رهندو، ٻيو ڪٿي رهندو؟

ڪنگنا رناوت جي تازي بيان کانپوءِ ڀارتي سوشل ميڊيا تي هڪ ڀيرو ٻيهر بحث شروع ٿي ويو آهي.

سوشل ميڊيا صارفين جو هڪ حصو سندس بيان کي جين زي نسل جي توهين قرار ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ٻئي طرف سندس حامي ان کي سندس اڳوڻي بيان جي وضاحت قرار ڏئي رهيا آهن.

اهڙي طرح پيپر ليڪ خلاف شاگردن جي احتجاج کان شروع ٿيل معاملو هاڻي ڪنگنا رناوت جي مسلسل بيانن سبب ڀارتي سياست ۽ شوبز ۾ پڻ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں