ثاقب چڍڙ تڪرار ۾ نئون موڙ، عروبه مرزا پيغامن جا اسڪرين شاٽس سامهون آڻي ڇڏيا

فہرستِ مضامین

لاھور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا عروبه مرزا صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ثاقب چڍڙ سان لاڳاپيل انسٽاگرام پيغامن جا مبينا اسڪرين شاٽس شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سياستدان ڪيترائي ڀيرا ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

اداڪارا عروبه مرزا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوريز تي مبينا اسڪرين شاٽس شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي ته انهن پيغامن ۾ ثاقب چڍڙ طرفان ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ ۽ بعد ۾ سنيپ چيٽ تي رابطو جاري رکڻ جون درخواستون شامل آهن.

اسڪرين شاٽس سان گڏ هن لکيو، ”مومنه اقبال، سيده طوبيٰ ۽ هاڻي مان به.“

عروبه مرزا جي اها پوسٽ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن ثاقب چڍڙ اڳ ئي هڪ ٻئي تڪرار سبب خبرن ۾ آهي. مٿس اڳ ۾ اداڪارا ۽ ميزبان سيده طوبيٰ کي تحفي طور آءِ فون ڏيڻ جي آڇ ڪرڻ جا الزام به سامهون اچي چڪا آهن.

ٻئي طرف اداڪارا مومنه اقبال به ثاقب چڍڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪري رهي آهي. سندس درخواست موجب، هن ايم پي اي تي سائبر اسٽاڪنگ، هراساني، بليڪ ميلنگ ۽ شادي جي آڇ رد ڪرڻ کانپوءِ ڌمڪيون ڏيڻ جا الزام لڳايا آهن.

اهو ڪيس پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائمز ايڪٽ (PECA) تحت داخل ڪيو ويو آهي، جنهن جي جاچ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ڪري رهي آهي.

مومنه اقبال ڪيترائي ڀيرا واضح ڪري چڪي آهي ته هوءَ انصاف چاهي ٿي ۽ عدالت کان ٻاهر ڪنهن به ٺاهه بابت خبرن کي رد ڪري چڪي آهي. سندس چوڻ آهي ته فرانزڪ شاهدين جاچ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي ۽ ڪيس اڃا تائين عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.

واضح رهي ته عروبه مرزا، مومنه اقبال ۽ سيده طوبيٰ طرفان لڳايل الزام هن وقت قانوني ۽ عدالتي ڪارروائي هيٺ آهن، جڏهن ته انهن بابت عدالت جو حتمي فيصلو اچڻ باقي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں