پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جاري مون سون برساتن ۽ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب ٻنهي صوبن ۾ هيل تائين مختلف حادثن ۾ مجموعي طور 43 ڄڻا فوت ۽ 177 زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي گهر پڻ متاثر ۽ ڊهي پٽ ٿي ويا آهن.
پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان موجب، هلندڙ مون سون دوران صوبي ۾ 21 ڄڻا فوت ۽ 154 زخمي ٿيا آهن. رپورٽ موجب، آسماني وڄ ڪرڻ سبب 2، عمارتون ڪرڻ سبب 15، ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ۽ پاڻي ۾ ٻڏي هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي. برساتن سبب 38 گهر جزوي طور متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ ڍور پڻ مري ويو آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي پنجاب خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ شهري ٻوڏ ۽ اوچتن ٻوڏن (فليش فلڊنگ) جو خطرو برقرار آهي.
هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪرڻ ۽ ٻوڏي ريلن ۾ وهجي وڃڻ سبب 22 ڄڻا فوت ۽ 23 زخمي ٿيا آهن.
رپورٽ موجب، فوتين ۾ 9 مرد، 10 ٻار ۽ 3 عورتون شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 11 مرد، 5 عورتون ۽ 7 ٻار شامل آهن.
پي ڊي ايم اي خيبرپختونخواهه موجب، برساتن سبب 37 گهر متاثر ٿيا، جن مان 8 مڪمل طور ڊهي پٽ ٿي ويا، جڏهن ته 29 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي.
اختيارين موجب، برساتن ۽ ٻوڏ سبب پشاور، نوشهره، خيبر، مردان، بونير، باجوڙ، شانگله، صوابي، لوئر چترال، لوئر ۽ اپر دير، ايبٽ آباد، مانسهره، هري پور، ٽانڪ، تورغر، ڪرم ۽ اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان سميت ڪيترائي علائقا متاثر ٿيا آهن.