تعليمي بورڊن ۾ وڏين تبديلين جي تياري، نوان ڀرتي رولز لاڳو ڪرڻ، آءِ ٽي ماھرن جي ڀرتي ۽ فارنزڪ آڊٽ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ حڪومت تعليمي بورڊن جي انتظامي ۽ امتحاني نظام ۾ سڌارن لاءِ اهم فيصلا ڪري ورتا آهن. يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊن واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمينن سان ٿيل اجلاس ۾ 2026ع جا نوان ڀرتي رولز لاڳو ڪرڻ، آءِ ٽي ماهرن جي فوري ڀرتي، فارنزڪ آڊٽ ۽ فائر سيفٽي انتظامن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

اجلاس ۾ سمورن تعليمي بورڊن جي ڪارڪردگي، انتظامي سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ امتحاني نظام کي وڌيڪ شفاف ۽ اثرائتو بڻائڻ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوبائي ڪابينا طرفان مئي 2026ع ۾ منظور ڪيل نوان ريڪروٽمينٽ رولز سمورن تعليمي بورڊن ۾ لاڳو ڪيا ويندا.

صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ بورڊ آف ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن لاءِ پڻ الڳ ڀرتي رولز کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي.

اجلاس ۾ تعليمي بورڊن ۾ اي-مارڪنگ، او ايم آر بيسڊ امتحاني نظام ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ آءِ ٽي ماهرن جي فوري ڀرتي جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي.

صوبائي وزير موجب سمورن تعليمي بورڊن ۾ ڊائريڪٽر آءِ ٽي سميت مختلف فني ماهر مقرر ڪيا ويندا.

ڀرتي ٿيندڙ عملي ۾ ويب سائيٽ ڊولپر، سينيئر ڊولپر، سسٽم ۽ نيٽ ورڪ سيڪيورٽي ايڊمنسٽريٽرز سميت ٻيو ٽيڪنيڪل اسٽاف پڻ شامل هوندو.

محمد اسماعيل راهو سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمينن کي هدايت ڪئي ته ملازمن جون سينيئرٽي لسٽون فوري طور تي تيار ڪيون وڃن.

سندس هدايت موجب تيار ڪيل سينيئرٽي لسٽون حتمي منظوري لاءِ يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري کاتي ڏانهن موڪليون وڃن.

اجلاس ۾ سمورن تعليمي بورڊن جي فارنزڪ آڊٽ جي معاملي تي پڻ غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته فارنزڪ آڊٽ جو عمل قانون ۽ لاڳو ضابطن موجب اڳتي وڌايو ويندو، جنهن جو مقصد بورڊن جي انتظامي ۽ مالي معاملن ۾ وڌيڪ شفافيت ۽ جوابدهي کي يقيني بڻائڻ آهي.

اجلاس دوران تعليمي بورڊن جي عمارتن ۾ فائر سيفٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو ويو.

صوبائي وزير سمورن چيئرمينن کي هدايت ڪئي ته بورڊن ۾ فائر سيفٽي جا مؤثر انتظام يقيني بڻايا وڃن.

ان سلسلي ۾ عمارتن ۾ فائر سيفٽي اوزارن جي دستيابي، ايمرجنسي ايگزٽ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موجود انتظامن جو پڻ جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي.

سنڌ حڪومت طرفان سال 2026ع جا ساليانا امتحان مقرر وقت تي شفاف نموني ڪرائڻ ۽ مقرر ڪيل مدي اندر نتيجا جاري ڪرڻ تي سمورن تعليمي بورڊن جي چيئرمينن کي تحسيني سندون ڏيڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.

صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو هدايت ڪئي ته اجلاس ۾ ڪيل سمورن فيصلن تي مقرر وقت اندر عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

هن چيو ته سمورن تعليمي بورڊن کي يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري کاتي سان مڪمل هم آهنگي برقرار رکندي انتظامي، امتحاني ۽ ڊجيٽل نظام ۾ سڌارن کي تيز ڪرڻو پوندو.

اجلاس ۾ سيڪريٽري غلام عباس بلوچ، فقير محمد لاکو، مشرف علي، مختلف تعليمي بورڊن جا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اختيارين پڻ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں