برني سينڊرز جي ٽرمپ تي سخت تنقيد، ايران خلاف جنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): آمريڪي سينيٽر برني سينڊرز صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي سخت تنقيد ڪندي ايران خلاف جاري جنگ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سينڊرز جو چوڻ آهي ته آمريڪي عوام کي آبنائي هرمز جو نالو تبديل ڪرڻ بدران ايران سان جاري جنگ ختم ڪرڻ ۽ وڌندڙ ٻارڻ جي قيمتن مان ڇوٽڪارو گهرجي.

برني سينڊرز سوشل ميڊيا تي ٽرمپ کي مخاطب ٿيندي چيو ته آمريڪي عوام نٿو چاهي ته آبنائي هرمز جو نالو صدر ٽرمپ جي نالي سان تبديل ڪيو وڃي، پر هو چاهين ٿا ته ايران خلاف جاري جنگ ختم ڪئي وڃي.

هن دعويٰ ڪئي ته ايران جنگ سبب آمريڪا ۾ ڊيزل جي قيمت 5.69 ڊالر في گيلن ۽ پيٽرول جي قيمت 4.12 ڊالر في گيلن تائين پهچي وئي آهي.

سينڊرز ٽرمپ تي زور ڏيندي چيو ته هو پنهنجي عهدي جي ذميوارين موجب عمل ڪن ۽ صدر جي حيثيت سان رويو اختيار ڪن.

آمريڪي سينيٽر پنهنجي سخت بيان ۾ ٽرمپ کي چيو ته ”توهان صدر آهيو، ڪو چريو بادشاهه نه؛ صدر وانگر رويو اختيار ڪريو.“

سينڊرز جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ ٻيهر شدت اختيار ڪري چڪي آهي ۽ آبنائي هرمز جي ڪنٽرول بابت ٻنهي ملڪن جا سخت موقف سامهون اچي رهيا آهن.

صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز تي آمريڪي ڪنٽرول جي دعويٰ ڪندي ان جو نالو ”ٽرمپ اسٽرَيٽ“ رکڻ بابت تجويز ڏني هئي، جنهن تي برني سينڊرز سخت ردعمل ظاهر ڪيو.

سينڊرز جي تنقيد اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن ايران خلاف آمريڪي فوجي ڪارروائين ۽ تهران جي جوابي حملن سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ آبنائي هرمز عالمي توانائي جي فراهمي لاءِ هڪ اهم فليش پوائنٽ بڻيل آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں