برطانيہ: بلدياتي چونڊن ۾ شڪست تي ڪيترن ئي وزيرن جي استعفيٰ: وزيراعظم تي بہ استعفيٰ لاءِ دٻاءُ

فہرستِ مضامین

لنڊن: برطانيہ ۾ حڪمران جماعت کي بلدياتي چونڊن ۾ بدترين شڪست تي ڪيترن ئي وزيرن استعفيٰ ڏئي ڇڏي، وزيراعظم تي بہ استعفيٰ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو.

بلدياتي چونڊن ۾ شڪست بعد برطانوي حڪومت شديد دٻاءُ جو شڪار آھي، برطانوي ڪابينہ جي اھم ميمبرن وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کان استعفيٰ جو مطالبو ڪيو آھي.

برطانوي ميڊيا مطابق استعفيٰ جو مطالبو ڪندڙن ۾ نائب وزيراعظم ڊيوڊ ليمي، پرڏيھي وزير ايويٽ ڪوپر، گھرو وزير شبانھ محمود بہ شامل آھي، ڪابينہ ميمبرن زور ڏنو آھي تہ وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر عھدو ڇڏڻ لاءِ ٽائيم لائن ڏئي.

ميڊيا رپورٽ مطابق پارليامينٽ جا 70 ميمبر وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کان استعفيٰ جو مطالبو ڪري چڪا آھن، نئين پارٽي ليڊر جي چونڊ جي تحريڪ لاءِ 81 ميمبرن جي حمايت گھربل آھي.

برطانيہ ۾ اڄ 5 پارلياماني سيڪريٽريز عھدن تان استعفيٰ ڏني، وڌيڪ وزيرن جي استعفيٰ جو امڪان آھي.

برطانيھ جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر استعفيٰ ڏيندڙ وزارتي معاونن جي جاءِ تي نيون مقرر ڪري ڇڏيون.

ڊيوڊ برٽن سيمپسن معاون صحت ۽ سماجي نگھداشت جڏھن تہ لنزي فارن ورٿ وزارت انصاف ۽ جين ڪرڪھم کي معاون ماحوليات مقرر ڪيو ويو آھي.

مائيڪل پين معاون وزارت داخلہ ۽ ٽم روڪا معاون محنت کاتو مقرر ڪيا ويا آھن، پارليامينٽ جي ميمبر شان ووڊڪاڪ کي معاون ڪابينھ مقرر ڪيو ويو آھي.

ان کان اڳ تازين چونڊن ۽ ليڊر شپ چئلينج بابت خطاب ڪندي ڪيئر اسٽارمر چيو ھو تہ اليڪشن جا نتيجا انتھائي مشڪل ھئا، جن جي ذميواري قبول ڪريان ٿو، مان ڪيڏنھن نہ وڃي رھيو آھيان، ماڻھن کي اميد ڏيارڻ جي ضرورت آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں