پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر بابر اعظم کي ٻيهر ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ واري فيصلي تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته هن وقت بابر کي رڳو بيٽنگ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ڪپتاني جي اضافي ذميواري نہ کڻڻ گهرجي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ وزڊن کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ محمد عامر چيو ته بابر اعظم ڊگهي عرصي کانپوءِ ٻيهر سٺي فارم ۾ اچي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ کيس ٻيهر ٽيسٽ ڪپتاني ڏيڻ سان مٿس غيرضروري دٻاءُ وڌندو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ هر ڳالهه جو جواب ڪپتان کي ڏيڻو پوندو آهي، تنهن ڪري سندس ذاتي راءِ آهي ته بابر اعظم کي هڪ رانديگر طور بنا ڪپتاني جي دٻاءُ جي کيڏڻ گهرجي.
محمد عامر چيو ته بابر اعظم هن وقت پاڪستان جو بهترين رانديگر آهي ۽ ٽيم جو سڀ کان وڌيڪ ڀروسي جوڳو بيٽسمين پڻ آهي، پر کيس ٻيهر ٽيسٽ ڪپتان بڻائڻ جو فيصلو مناسب نظر نٿو اچي.
واضح رهي ته بابر اعظم 2020ع کان 2023ع تائين پاڪستان جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني ڪري چڪو آهي.