آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا شھر آرڪيڊيا جي اڳوڻي ميئر ايلين وانگ چين جي لاءِ غير قانوني طور تي ڪم ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي.
آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ مطابق آرڪيڊيا جي ميئر ايلين وانگ تي آمريڪي عملدارن کي ٻڌائڻ کانسواءِ چيني حڪومت جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو ھو، جنھن بعد ھن پنھنجي عھدي تان استعيفيٰ بہ ڏئي ڇڏي ھئي.
آمريڪي عملدارن جو چوڻ آھي تہ 58 سالن جي ايلين وانگ يائوننگ سن نالي ھڪ شخص سان گڏجي ھڪ ويب سائٽ يو ايس نيوز سينٽرآپريٽ ڪئي جنھن تي چين جي حق ۾ مواد شايع ڪيو ويندو ھو.
آمريڪي عملدارن مطابق يائوننگ سن پھريان ئي غير قانوني طور تي چين جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو ڏوھ قبول ڪرڻ بعد 4 سال قيد جي سزا ڀوڳي چڪي آھي.
آمريڪي عملدارن مطابق ايلين وانگ کي انھن الزامن جي ثابت ٿيڻ تي عدالت طرفان 10 سال قيد جي سزا ٿي سگھي ٿي.
ايلين وانگ جي وڪيلن جو چوڻ آھي تہ اسان جي ڪلائنٽ پنھنجي ذاتي زندگي ۾ ڪيل غلطين تي معذرت ڪري رھي آھي، جڏھن تہ سندس قدمن جو تعلق سندس سرڪاري ذميوارين سان نہ ھو.
اڳوڻي ميئر جي وڪيلن مطابق اسان جي ڪلائنٽ ميئر طور ھميشہ آرڪيڊيا جي ماڻھن جي خدمت ڪئي آھي.