اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي وڪري جي قيمت ۾ تاريخ جو سڀ کان وڏو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب مهانگا اسپاٽ ڪارگو خريد ڪرڻ جي نتيجي ۾ ايل اين جي جا اگهه نمايان وڌي ويا آهن.
اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي وڪري واري قيمت ۾ 6.45 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو تائين اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو هن وقت تائين سڀ کان وڏو اضافو قرار ڏنو پيو وڃي.
نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي وڪري جي قيمت 25.83 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم لاءِ اها قيمت 25.80 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي باوجود پاڪستان کي قطر کان ايل اين جي جو نئون ڪارگو ملي ويو، پر جولاءِ دوران ملڪ کي پنج مهانگا اسپاٽ ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻا پيا.
انهن مهانگن ڪارگوز سبب جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ لاءِ ايل اين جي جي وڪري واري قيمت ۾ غيرمعمولي اضافو ڏٺو ويو آهي، جنهن جو اثر توانائي شعبي ۽ صارفين تي به پئجي سگهي ٿو.