ڪراچي(بيورورپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (ايس پي ايس سي) جي گڏيل مقابلي واري امتحان (سي سي اي 2024ع) بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت اهم مشاهدا ڪندي ڪامياب اميدوارن کان ٻيهر مضمون (Essay) لکرائڻ جي تجويز پيش ڪئي، جيئن امتحاني عمل جي شفافيت بابت اٿاريل اعتراضن جو واضح جائزو وٺي سگهجي.
ٻڌڻي دوران عدالت امتحاني عمل جي شفافيت تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڪامياب قرار ڏنل اميدوارن کان ٻيهر مضمون لکرائي انهن جي صلاحيت جو جائزو وٺي سگهجي ٿو. عدالت جو مقصد اهو معلوم ڪرڻ آهي ته چونڊ جو عمل مڪمل طور ميرٽ ۽ شفافيت موجب ٿيو يا نه.
درخواستگذار اميدوارن عدالت کي موقف ڏنو ته گڏيل مقابلي واري امتحان جي نتيجن ۾ بي ضابطگيون ٿيون آهن ۽ ڪيترن ئي اهل اميدوارن سان ناانصافي ڪئي وئي آهي. هنن امتحاني عمل جي آزاداڻي جاچ ۽ نتيجن تي نظرثاني جي گهر ڪئي.
ٻئي طرف، ايس پي ايس سي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته امتحان قانون موجب، مقرر ڪيل طريقيڪار تحت ۽ شفاف نموني منعقد ڪيا ويا. ڪميشن موجب 4,340 اميدوارن مان صرف 70 اميدوار هر پرچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 33 سيڪڙو ۽ مجموعي طور 50 سيڪڙو نمبر حاصل ڪرڻ سبب ڪامياب قرار ڏنا ويا.
ڪامياب اميدوارن جي وڪيلن به عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته صرف ناڪام اميدوارن جي الزامن جي بنياد تي سڄي چونڊ عمل کي تڪراري قرار نٿو ڏئي سگهجي، ڇاڪاڻتہ ڪامياب اميدوار ميرٽ تي امتحان پاس ڪري انٽرويو جي مرحلي تائين پهتا آهن.
ٻڌڻي دوران عدالت صوبائي ايڊووڪيٽ جنرل کي پڻ هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين حڪومت کان هدايتون وٺي پيش ڪري ته مستقبل ۾ ايس پي ايس سي جا امتحان وڌيڪ شفاف، غيرجانبدار ۽ قابل اعتماد طريقي سان ڪيئن منعقد ڪري سگهجن ٿا.
عدالت اڳ ۾ جاري ڪيل عبوري حڪم برقرار رکندي چيو ته ڪيس جو حتمي فيصلو اچڻ تائين ڀرتي جي عمل ۾ وڌيڪ اڳڀرائي نه ڪئي وڃي. ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت سڀني ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ وڌيڪ حڪم جاري ڪندي.