ايران جي نائب صدر محمد رضا عارف چيو آهي تہ ايران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ فعال طور شرڪت ڪندو، پر آمريڪا جي دوکي واري فطرت سبب گھڻا شڪ شبها برقرار رھندا۔
ايراني نائب صدر چيو تہ آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت روڪڻ لاءِ عبوري جنگبندي ممڪن بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جي ساراهہ ڪئي وئي آهي۔
محمد رضا عارف جو چوڻ هو تہ ايران اسلام آباد ڳالهين ۾ مڪمل اختيار سان شرڪت ڪندو ۽ انهن ڳالهين جو مقصد پنهنجي فوجي ڪاميابين کي سفارتي سطح تي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ هوندو۔
نائب صدر وڌيڪ چيو تہ جنگ جي 40 ڏينهن دوران ايران دشمن جي اندازن کي غلط ثابت ڪيو آهي، هن جنگ کي علائقائي ۽ عالمي تبديلي لاءِ فيصلائتو موڙ قرار ڏنو ويو آهي، جڏھن تہ قوم جي عزم دشمن کي سياسي ۽ سيڪيورٽي محاذن تي تاريخي شڪست ڏني آهي۔
نائب صدر محمد رضا عارف ايراني عوام جي مظاهرن کي “سافٽ پاور” قرار ڏنو۔……