واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ قومي سلامتي اجلاس طلب ڪري ورتو آھي جنھن ۾ ايران جي خلاف جنگ ٻيھر شروع ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.
آمريڪي نيوز ويب سائٽ مطابق تازيون ڳالھيون ڪنھن نتيجي تي نہ پھچڻ بعد واشنگٽن ۾ اھو تاثر مضبوط ٿيو آھي تہ ايران جوھري پروگرام جي معاملي تي خاطر خواھ لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار ناھي، ان کي نظر ۾ رکندي آمريڪي نتظاميہ دٻاءُ وڌائڻ جي لاءِ نون طريقن تي غور ڪري رھي آھي.
رپورٽ مطابق صدر ٽرمپ ڪنھن وڏي ويڙھ کان پاسو ڪرڻ چاھي ٿو ۽ ھو اھڙي معاھدي جو خواھشمند آھي جيڪو ايران جي جوھري پروگرام کي محدود ڪري سگھي، جڏھن تہ آمريڪي مطالبا رد ٿيڻ بعد وائٽ ھائوس ۾ عسڪري آپشنز ٻيھر اھميت اختيار ڪري ويا آھن.
آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آھي تہ اجلاس ۾ نائب صدر جي ڊي وينس، خصوصي نمائندو اسٽيو وٽڪوف، پرڏيھي وزير مارڪو روبيو، وزير جنگ پيٽ ھيگسيٿ، سي آءِ اي جو سربراھ جان ريٽڪليف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جنرل ڊين ڪين جي شرڪت ڪرڻ جو امڪان آھي.
دعويٰ ڪئي وئي آھي تہ صدر ٽرمپ ڪنھن بہ قسم جي فوجي ايڪشن طرف مائل ٿي رھيو آھي تہ جيئن ايران تي دٻاءُ وڌايو وڃي ۽ نيو ڪليئر پروگرام تي رعايتون حاصل ڪيون وڃن.
آمريڪي عملدارن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آھي تہ غور ھيٺ تجويزن ۾ آبناءِ ھرمز ۾ بحري نگراني جي مشن کي ٻيھر فعال ڪرڻ بہ شامل آھي جڏھن تہ ايران جي انھن ھدفن تي حملن جي تجويز بہ غور ھيٺ آھي جن جي نشاندھي پھريان ئي ڪئي وئي آھي پر اڃا تائين ڪارروائي ناھي ٿي.
ٻئي طرف اسرائيلي قيادت بہ واشنگٽن تي دٻاءُ وجھي رھي آھي تہ ايران جي افزودھ يورينيم ذخيرن کي غير موثر بنائڻ جي لاءِ خصوصي آپريشن تي غور ڪيو ويندو جڏھن تہ آمريڪي صدر ان منصوبي جي ممڪنہ خطرن سبب محتاط نظر اچي ٿو.
رپورٽ ۾ اھو بہ چيو ويو آھي تہ ايران بابت آمريڪي فيصلن تي صدر ٽرمپ جي متوقع چين جي دوري جا ممڪنہ اثرن کي بہ اھم سمجھيو پيو وڃي ڇو تہ واشنگٽن خطي ۾ ڪنھن وڏي بحران کان پھريان عالمي سفارتي توازن کي نظر۾ رکڻ چاھي ٿو.