واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آھي تہ ايران سان ڳالھين ۾ اڳڀرائي ٿي رھي آھي، صدر ڊونلڊ ٽرمپ تھران جي تازي تجويز کي ناقابل قبول قرار ڏنو آھي.
وائٽ ھائوس ۾ صحافين سان ڳالھائيندي جي ڊي وينس چيو تہ منھنجو خيال آھي اسان اڳڀرائي ڪري رھيا آھيون، بنيادي سوال اھو آھي تہ ڇا اسان ايتري اڳڀرائي ڪري سگھنداسين جيڪا صدر جي مقرر ڪيل ريڊ لائن کي پورو ڪري سگھي؟
ھن وڌيڪ چيو تہ صدر ٽرمپ جي ريڊ لائن بلڪل واضح آھي، انھن کي ان ڳالھ تي مڪمل يقين ھئڻ گھرجي تہ اھڙا موثر حفاظتي انتظام ڪيا ويا آھن جن جي تحت ايران ڪڏھن بہ جوھري ھٿيار حاصل نہ ڪري سگھي.