تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ): ايران دعويٰ ڪئي آهي ته آبنائي هرمز ۾ وڌيڪ سامونڊي بارودي سرنگون وڇايون ويون آهن، جنهن سان اڳ ئي وڌندڙ آمريڪا ۽ ايران ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. ايران جي دعويٰ جي آزاد ذريعن کان تصديق ناهي ٿي.
ايراني هٿياربند فوج جي آپريشنل ڪوآرڊينيشن جي ذميوار خاتم الانبياءَ مرڪزي هيڊڪوارٽر جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو آهي ته رات جي ڪارروائي دوران آبنائي هرمز جي ڏکڻ ۾ ايران پاران غيرقانوني قرار ڏنل سامونڊي رستن تي وڌيڪ بارودي سرنگون وڇايون ويون.
ابراهيم ذوالفقاري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آبنائي هرمز جو نالو تبديل ڪري ”آبنائي ٽرمپ“ رکڻ واري تجويز تي پڻ طنز ڪيو.
هن چيو ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) وٽ ان جي جواب ۾ شايد رڳو فوٽوشاپ ذريعي آبنائي جو نالو تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي.
ايراني ترجمان طنزيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن فوٽوشاپ سان آبنائي جو نالو تبديل ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ آمريڪا فوٽوشاپ ذريعي ئي تيل بردار جهازن کي به هن سامونڊي رستي تان گذاري سگهي ٿو.
ايراني دعويٰ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ اڳ ئي آبنائي هرمز جي ٽرانزٽ رستن تان سامونڊي بارودي سرنگون صاف ڪرڻ ۽ جهازن جي انهن سرنگن سان ٽڪرائجڻ بابت رپورٽن کي گمراهه ڪندڙ قرار ڏئي چڪي آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ آبنائي هرمز مان بارودي سرنگون هٽائڻ جي دعويٰ ڪندي نئين سرنگون وڇائڻ خلاف سخت پاليسي جي خبردار ڪيو هو.
ان کان اڳ ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي هئي ته ٻه تيل بردار جهاز اهڙي سامونڊي رستي ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ بارودي سرنگن سان ٽڪرائجي ڌماڪي جو شڪار ٿيا ۽ باهه لڳي وئي.
ايراني اختيارين جو چوڻ هو ته جهازن جا عملدار لاهي ڇڏيا ويا هئا ۽ جهاز آمريڪي ڌرين جي ڪنٽرول ۾ ڏنا ويا هئا. ايران انهن جهازن جي مالڪن ۽ صحيح هنڌ بابت تفصيل جاري نه ڪيا هئا.
آبنائي هرمز دنيا جي اهم توانائي ۽ سامونڊي واپاري رستن مان هڪ آهي، تنهن ڪري هتي بارودي سرنگن بابت ڪنهن به دعويٰ سان عالمي تيل جي فراهمي ۽ سامونڊي واپار بابت خدشا وڌي سگهن ٿا.
تازن ڏينهن ۾ آبنائي هرمز مان جهازن جي آمدرفت بابت آمريڪا ۽ ايران جا موقف هڪ ٻئي کان مختلف رهيا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ سبب عالمي توانائي مارڪيٽن تي به اثر پئجي رهيو آهي.
ايران پاران دعويٰ ڪيل نئين بارودي سرنگن جو انگ ۽ انهن جي صحيح هنڌ بابت في الحال ڪا واضح ڄاڻ سامهون ناهي آئي.