لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي کان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري جنگ بابت سوال ڪيو ۽ جنگ ختم نه ٿيڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي بادشاهه چارلس کي موجوده صورتحال بابت آگاهه ڪندي چيو ته معاملو ”هڪ قدم اڳتي ۽ هڪ قدم پوئتي“ واري صورتحال جو شڪار آهي.
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۽ ٽيم انتظاميا جي بادشاهه چارلس ٽئين سان ملاقات لنڊن ۾ شاهي خاندان جي تاريخي رهائشگاهه ڪليرنس هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ محسن نقوي، برطانيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ٽيپو عثمان ۽ برطانيا جي پاڪستان لاءِ هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سميت ٻيون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون.
ملاقات دوران بادشاهه چارلس محسن نقوي کان ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن بابت تازين اڳڀرائين بابت پڇاڻو ڪيو.
رپورٽن موجب بادشاهه چارلس جنگ جاري رهڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي کيس صورتحال بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته سفارتي عمل ۾ ڪڏهن اڳڀرائي ٿئي ٿي ته ڪڏهن ٻيهر رڪاوٽ اچي ٿي، جنهن کي هن ”هڪ قدم اڳتي، هڪ قدم پوئتي“ واري صورتحال قرار ڏنو.
برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پڻ بادشاهه چارلس کي خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان ۽ محسن نقوي جي سفارتي ڪوششن بابت آگاهه ڪيو. بادشاهه چارلس پاڪستان جي امن لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو.
ملاقات دوران بادشاهه چارلس پاڪستاني رانديگرن سان ڪرڪيٽ، برطانيا ۾ سندن رهائش، موسم، فٽنيس ۽ انگلينڊ خلاف موجوده ٽيسٽ سيريز ۾ ڪارڪردگي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
بادشاهه چارلس پاڪستاني رانديگرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي کين ايندڙ ميچن لاءِ همٿايو.
پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم بادشاهه چارلس کي ٽيم جي رانديگرن جي صحيح ٿيل دستخطن وارو خاص ڪرڪيٽ بيٽ پڻ تحفي طور پيش ڪيو.
ملاقات کانپوءِ محسن نقوي بادشاهه چارلس سان ٿيل ملاقات کي ”تمام فائديمند“ قرار ڏنو. هن موجب بادشاهه چارلس پاڪستاني رانديگرن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ ملڪ جي امن لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.
ٻئي طرف پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت انگلينڊ جي دوري تي موجود آهي، جتي ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ميزبان ٽيم پهريان ئي 2-0 جي ناقابلِ شڪست برتري حاصل ڪري چڪي آهي. سيريز جو ٽيون ۽ آخري ٽيسٽ 9 سيپٽمبر کان ايجبسٽن ۾ شروع ٿيندو.
بادشاهه چارلس سان ملاقات دوران ڪرڪيٽ سان گڏ ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ ۽ خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ان ملاقات کي خاص اهميت ڏئي ٿي.