ايران تي حملا روڪيا ويا، حزب الله خلاف ڪارروايون جاري رھنديون: اسرائيلي فوج

فہرستِ مضامین

اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي تہ هن ايران تي حملا عارضي طور روڪي ڇڏيا آهن، جڏھن تہ لبنان ۾ حزب الله خلاف ڪارروايون جاري رھنديون.

اسرائيلي فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تہ ايران اندر حملن جي هڪ لهر مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي سياسي قيادت جي هدايتن موجب وڌيڪ حملا روڪيا ويا آهن.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ اسرائيل خلاف ڪنهن بہ  جنگبندي جي ڪنھن بہ ڀڃڪڙي جي صورت ۾ فوج مڪمل طور تي دفاعي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

اسرائيلي فوج موجب ان جا دستا لبنان ۾ حزب الله خلاف ٽارگيٽڊ زميني آپريشنز جاري رکيو ويٺا آهن، جن جو مقصد مبينا خطري کي ختم ڪرڻ آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي تہ ايران تي حملا روڪڻ باوجود علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار رھي سگهي ٿي، خاص طور تي لبنان جي محاذ تي جاري ڪاررواين سبب صورتحال اڃا بہ نازڪ آهي۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں