ايران اسان جون تقريباً سڀ اهم شرطون مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي، آمريڪي صدر جي دعويٰ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران اسان جون تقريباً سڀ اهم شرطون مڃڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

آمريڪي صدر اها دعويٰ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي.

ٽرمپ چيو ته ايران ۾ مهانگائي 300 سيڪڙو آهي، تازو ئي ايران جو نئون ريڊار سسٽم ٻيهر تباهه ڪيو ويو، هاڻي ايران وٽ ڪو به ريڊار موجود ناهي.

آمريڪي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ روڪرائي 3 ڪروڙ جانيون بچايون. پاڪستاني وزيراعظم چيو ته مون جنگ روڪرائي 3 ڪروڙ ماڻهن کي بچايو، جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ دوران 11 جهاز ڪيرايا ويا.

ان کان علاوه آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته ايلون مسڪ سان سندس تمام سٺو تعلق آهي، مسڪ کي ٽريلينئر بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. مان واحد صدر آهيان جنهن پنهنجي پگهار ڇڏي، اها تمام وڏي رقم آهي.

ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته ڪو يهودي ڊيموڪريٽس کي ووٽ ڪيئن ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته اسرائيل ۾ منهنجي مقبوليت 99 سيڪڙو تائين هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں