لائیو ايران آمريڪا سان ڳالهين جي درخواست ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، علائقائي ٽياڪڙجي دوري جي تصديق

فہرستِ مضامین

تهران: (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته تهران آمريڪا سان ڪنهن به نئين ڳالهه ٻولهه جي درخواست ناهي ڪئي. هن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان دعويٰ کي رد ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ايران واشنگٽن سان ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.

اسماعيل بقائي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران جي اسلامي جمهوريه آمريڪا سان ڳالهين لاءِ ڪا درخواست پيش ناهي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ايران هڪ علائقائي ثالث جي تهران دوري جي درخواست قبول ڪئي آهي، جتي تازين علائقائي حالتن ۽ سفارتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته آمريڪا سان سڌيون ڳالهيون شروع ٿي رهيون آهن.

ترجمان موجب ايران سفارتڪاري جا دروازا مڪمل طور بند نٿو ڪري، پر ڪنهن به ڳالهه ٻولهه لاءِ برابري، باهمي احترام ۽ اڳوڻن واعدن تي عمل بنيادي شرط آهن. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي ذميوارين يا واعدن جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ايران به ان جو مناسب ۽ متناسب جواب ڏيندو.

هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران آمريڪا سان رابطو ڪري ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. ايران ان دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي واضح ڪيو آهي ته هن وقت آمريڪا سان سڌين ڳالهين جي ڪا درخواست نه ڪئي وئي آهي.

سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ايران جي تازي موقف مان ظاهر ٿئي ٿو ته تهران اڃا تائين علائقائي ثالثن ذريعي سفارتي رابطن کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار هجڻ سبب ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ ويجهي مستقبل ۾ ڪا وڏي اڳڀرائي ٿيڻ جا امڪان محدود نظر اچن ٿا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں