پاڪستان جامع جنگبندي جو فريم ورڪ آمريڪا ۽ ايران سان شيئر ڪري ڇڏيو آھي ۽ معاھدي کي “ اسلام آباد اڪارڊ” جو نالو ڏنو پيو وڃي.
برطانوي خابرو اداري رائٽرز جنگبندي جي تجويز کان واقف ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آھي تہ پاڪستان طرفان شيئر ڪيل جنگبندي جو فريم ورڪ 2 مرحلن تي ٻڌل آھي.
خابرو اداري موجب پھرين مرحلي ۾ فوري جنگبندي ۽ بعد ۾ جامع جنگبندي جو معاھدو شامل آھي.
رائٽرز جي رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تہ پاڪستان جو آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جنگبندي جي تجويز جي حوالي سان گذريل رات کان آمريڪا جي نائب صدر جي ڊي وينس، صدر ٽرمپ جي صلاحڪار اسٽيوٽڪوف ۽ ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي سان لڳاتار رابطي ۾ آھي.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگبند معاھدي کي اسلام آباد معاھدي جو نالو ڏنو پيو وڃ جنھن تحت ابتدائي طور تي آبنائي ھرمز کي فوري کوليو ويندو، پوءِ 15 کان 20 ڏينھن دوران جنگبندي لاءِ جامع فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو، اسلام آباد معاھدي تي اڄ اتفاق راءِ جو امڪان آھي.
ٻئي پاسي سينيئر ايراني عملدارن بہ تصديق ڪئي آهي تہ پاڪستان طرفان فوري جنگبندي جي تجويز ملي وئي آهي، ايران تجويز جو جائزو وٺي رھيو آھي، فيصلي لاءِ ڪنھن بہ قسم جي ڊيڊلائن يا دٻاءُ قبول نہ ڪنداسين.
پاڪستان جو جنگبندي جي تجويز ڪيل فريم ورڪ تي تبصرو ڪرڻ کان پاسو .
پاڪستاني عملدارن ايران خلاف جاري آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنهن بہ تجويز ڪيل فريم ورڪ تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي۔
پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاھر حسن الجزيرا سان ڳالھائيندي ايران خلاف جاري آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ جي خاتمي لاءِ تجويز ڪيل فريم ورڪ جي تصديق يا ترديد ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
پرڏيھي کاتي جي ترجمان جو چوڻ ھو تہ 45 ڏينھن جي جنگبندي جي آڇ يا 15 نقطن جي ڏي وٺ بابت ڪيتريون ئي رپورٽون سامھون آيون آھن، پر اسان انفرادي ۽ مخصوص معاملن تي تبصرو نٿا ڪريون ۽ اسان جو واضح موقف آهي تہ امن جو عمل جاري آهي۔….