لائیو ايراني ھيڪرز آمريڪي بحريھ جي حساس معلومات ليڪ ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

ھنڊالا جي نالي سان مشھور سائبر گروپ فارسي نار ۾ مقرر آمريڪي فوجين جي حساس معلومات کي ليڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي، گروپ بابت اھو خيال ڪيو پيو وڃي تھ ان جا ايران سان رابطا آھن.

وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ مطابق ھنڊالا ٽيلي گرام تي پنھنجي ھڪ پوسٽ ۾ 2 ھزار 379 فوجين جا نالا ۽ تفصيل شايع ڪيا آھن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آھي تھ ھيڪرز ائين پنھنجي قابليت جو مظاھرو ڪرڻ لاءِ ڪيو آھي.

ان حوالي سان عراقي ميڊيا رپورٽ ڪيو آھي تھ خطي ۾ مقرر آمريڪي فوجين کي واٽس ايپ تي ڌمڪي وارا پيغام بھ موڪليا ويا آھن، جن ۾ انھن کي خبردار ڪيو ويو آھي تھ انھن تي نظر رکي پئي وڃي ۽ انھن کي نشانو بڻائي سگھجي ٿو.

ھنڊالا دعويٰ ڪئي آھي تھ اسان وٽ آمريڪي فوجين جي خانداني معلومات، گھر جا ايڊريس، ايستائين جو انھن جي روزانو جي چرپر جي باري ۾ تفصيل بھ موجود آھن ۽ انھن کي بھ منظر عام تي آڻي سگھجي ٿو.

ان واقعي آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي اندر شديد ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آھي، فوجي ھاڻ اھو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن تھ ھيڪرز انھن جي ڪيتري حساس معلومات تائين رسائي حاصل ڪئي آھي ۽ آپريشنل سيڪيورٽي تي ان جا ڪھڙا اثر پوندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں