ڪراچي (بيورو رپورٽ): قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو اڄ ڪراچي ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ) آڏو پيش ٿيندو، ان ڏس ۾ سيڪيورٽي ادارن طرفان سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
اياز لطيف پليجو تي مبينا رياست مخالف سرگرمين بابت الزام جي سلسلي ۾ اين سي سي آءِ طرفان طلب ڪيو ويو آهي، جنهن تي قومي عوامي تحريڪ ۽ سندس حامين پاران سخت ردعمل سامهون آيو آهي.
اياز لطيف پليجو سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سڄي سنڌ مان ڪارڪنن ۽ حامين جا قافلا ڪراچي لاءِ روانا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته مختلف شهرن مان وڌيڪ قافلن جي ڪراچي پهچڻ جو سلسلو پڻ جاري آهي.
ڄامشوري مان قومي عوامي تحريڪ جو هڪ وڏو قافلو پڻ اياز لطيف پليجو سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪراچي روانو ٿيو.
ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ”اسان پنهنجي اڳواڻ اياز لطيف پليجو سان گڏ آهيون ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ صوبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين.“
اڳواڻن موجب اياز لطيف پليجو جي پيشي جي موقعي تي سڄي سنڌ مان ڪارڪن ۽ حامي ڪراچي پهچي رهيا آهن ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندا.
هوڏانهن اياز لطيف پليجو جي اين سي سي آءِ ۾ پيشي کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل علائقن ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته انتظاميا طرفان امن امان برقرار رکڻ لاءِ اضافي قدم کنيا ويا آهن.