آئرلينڊ ۽ قطر جي وچ ۾ فٽبال ميچ کي ٻه ڀيرا ان وقت روڪڻو پيو جڏهن شائقين اسرائيل خلاف ايندڙ ميچن تي احتجاج شروع ڪيو.
آئرلينڊ کي يوئيفا نيشنز ليگ ۾ اسرائيل خلاف ٻه ميچون کيڏڻيون آهن، جن تي ملڪ اندر سخت مخالفت جاري آهي.
عرب ميڊيا موجب آئرش فٽبال ايسوسيئيشن اڳ ئي اسرائيل کي عالمي فٽبال مان معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪري چڪي آهي، پر يوئيفا طرفان ان تي اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.
آئرلينڊ جي ڪوچ هيمل هالگريمسن به اسرائيل خلاف ميچن تي ناراضگي ظاهر ڪندي چيو آهي ته رانديگرن کي غير ضروري دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ٻئي پاسي آئرلينڊ جي ڪپتان نيتھن ڪولنز چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو رانديگر احتجاج ڪرڻ چاهي ته ٽيم ان جي رستي ۾ رڪاوٽ نه بڻجندي.