اسحاق ڊار جو مصري ۽ ڪينيڊين پرڏيھي وزيرن سان رابطو، خطي جي صورتحال تي ڳالھيون

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي معاملن واري وزير اسحاق ڊار جو مصر ۽ ڪينيڊا جي پرڏيھي معاملن وارن وزيرن سان ٽيليفون تي رابطو ٿيو آھي.

پرڏيھي وزارت موجب ٻنھي اڳواڻن وچ ۾ ڳالھھ ٻولھھ ۾ خطي جي موجودھ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنھي اڳواڻن ايران آمريڪا ڳالھين واري دور جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو.

ان کان سواءِ پرڏيھي معاملن واري وزير اسحاق ڊار ۽ ڪينيڊا جي پرڏيھي معاملن واري وزير انيتا آنند سان بھ ٽيليفون تي ڳالھھ ٻولھھ ٿي، ان موقعي تي ڪينيڊين پرڏيھي معاملن واري وزير پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں