تھران: (ڊبليو ٽي اين، ويب ڊيسڪ) ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آھي تہ نقاطي تجويز ۾ ايراني عوام جا حق واضح طور تي بيان ڪيا ويا آھن، انھن کي تسليم ڪرڻو پوندو.
ھن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنھنجي بيان ۾ چيو تہ 14 نقاطي تجويز ۾ بيان ڪيل ايراني عوام جي حقن کي تسليم ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو متبادل موجود ناھي.
قاليباف وڌيڪ چيو تہ ان کانسواءِ اختيار ڪئي ويندڙ ڪا بہ حڪمت عملي مڪمل طور تي بي نتيجا ھوندي ۽ ان جو حاصل مسلسل ھڪ کان پوءِ ھڪ ناڪامي کانسواءِ ڪجھ نہ ھوندو.
ھن اھو بہ چيو تہ آمريڪا جيتري دير ڪندو، ايترو ئي ان جي قيمت آمريڪي ٽيڪس ڏيندڙن کي ادا ڪرڻي پوندي.
ان کان اڳ ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو ھو تہ ايران ھر طرح جي صورتحال جي لاءِ تيار آھي، اسان جي ھٿياربند فوج ڪنھن بہ جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آھي.
ھن جو چوڻ ھو تہ ھينئر تائين دنيا بہ سمجھي چڪي آھي تہ غلط حڪمت عملي ۽ فيصلن جا ھميشہ غلط نتيجا نڪرندا آھن، اسان ھر طرح جي صورتحال جي لاءِ تيار آھيون، انھن کي ڏسي حيرت ٿيندي.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ ھائوس ۾ اڄ قومي سلامتي ٽيم جو اجلاس طلب ڪري ورتو آھي جنھن ۾ ايران بابت ايندڙ حڪمت عملي تي غور ڪيو ويندو.
ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ايران سان جنگبندي وينٽي ليٽر تي آھي، اڃا پراجيڪٽ فريڊم جي ٻئي آغاز جو حتمي فيصلو نھ ڪيو، ايران جون نيون تجويزون احمقاڻيون آھن، ايران جوھري ھٿيار حاصل نٿو ڪري سگھي، ايران سان معاھدو ڪرڻ ممڪن آھي، معاھدي تائين ايران تي دٻاءُ وجھندا رھنداسين.
ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ايران جي نام نھاد نمائندن جو جواب پسند نہ آيو، سخت گير قيادت کي جھڪڻ تي مجبور ڪندس، ايران خط ۾ جوھري ھٿيار نہ ٺاھڻ جو ذڪر نہ ڪيو، چين جي صدر آبناءِ ھرمز مسئلي جي حل ۾ مدد ڪرڻ چاھيون ٿا، چيني صدر سان ايران، تائيوان ۽ روس جي حوالي سان ڳالھيون ٿينديون، تائيوان کي آمريڪي ھٿيارن جي وڪري تي بہ ڳالھيون ڪندس.