ڪراچي (شوبز ڊيسڪ): پاڪستاني اداڪارا ميرا جي پنهنجي گهريلو ملازمہ سان مبينا طور تي جهيڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ملازمہ طرفان اداڪارا تي تشدد جا الزام لڳايا ويا، جڏهن ته بعد ۾ ملازمہ پنهنجي اڳوڻي بيان کان مختلف موقف اختيار ڪري ورتو.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ۾ مبينا طور تي اداڪارا ميرا کي پنهنجي گهريلو ملازمہ سان ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ڪجهه ئي دير بعد ٻنهي وچ ۾ تلخ ڪلامي وڌي وڃي ٿي ۽ صورتحال هٿا پائي تائين پهچي وڃي ٿي.
وائرل وڊيو کانپوءِ اداڪارا ميرا جي گهريلو ملازمہ ياسمين هڪ انٽرويو دوران الزام لڳايو ته ميرا کيس ڪيترائي ڀيرا مبينا طور تي تشدد جو نشانو بڻايو آهي.
ياسمين دعويٰ ڪئي ته مبينا تشدد سبب سندس چهري ۽ جسم جي مختلف حصن تي چوٹون پڻ آيون آهن. هن اداڪارا ميرا جي ذهني حالت بابت پڻ سوال اٿاريندي دعويٰ ڪئي ته سندس رويو معمول مطابق ناهي.
هوڏانهن ڪجهه وقت کانپوءِ ياسمين جي هڪ ٻي وڊيو پڻ سامهون اچي وئي، جنهن ۾ هن پنهنجي اڳوڻي بيان کان مختلف موقف اختيار ڪيو.
نئين وڊيو ۾ ياسمين دعويٰ ڪئي ته سندس اڳوڻي وڊيو مصنوعي ذهانت (AI) ذريعي تيار ڪئي وئي هئي ۽ اداڪارا ميرا بابت سندس اڳوڻا الزام درست نه هئا.
ياسمين جو چوڻ هو ته ”ميرا تمام سٺي آهي“ ۽ هوءَ اڃا تائين ميرا وٽ ئي ڪم ڪري رهي آهي.
ملازمہ جي ٻن مختلف بيانن ۽ وائرل ٿيل وڊيو سبب سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي. هڪ طرف پهرين وڊيو ۾ لڳايل تشدد جي الزامن تي سوال اٿاريا پيا وڃن، جڏهن ته ٻي طرف ملازمہ پاران اڳوڻي بيان کي AI ذريعي تيار ڪيل قرار ڏيڻ تي به مختلف راءِ سامهون اچي رهي آهي.
واضح رهي ته اداڪارا ميرا ان کان اڳ به مختلف وڊيوز ۽ بيانن سبب ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي رهي آهي. ڪجهه سال اڳ هڪ ٽي وي چينل تي ميڪ اپ آرٽسٽ کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي ۾ پڻ سندس نالو خبرن ۾ آيو هو.
تازو معاملي ۾ هاڻي اهم سوال اهو آهي ته وائرل ٿيل وڊيو جي حقيقت ڇا آهي ۽ گهريلو ملازمہ پاران پهريان ۽ پوءِ مختلف بيان ڏيڻ جا اصل سبب ڪهڙا آهن.