اداڪارائن کي لباس جي چونڊ ۾ حدن جو خيال رکڻ گھرجي: فضا علي

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪارھ ۽ ميزبان فضا علي پاڪستاني اداڪارائن کي مختصر لباس پائڻ جي حوالي سان صلاح ڏني ۽ چيو تہ انھن کي اسلامي جمھوريہ پاڪستان جي ماحول ۽ ثقافت کي نظر ۾ رکڻ گھرجي.

تازو ئي ٽڪ ٽاڪر سوزين خان جو انٽرويو ڪندي فضا علي چيو تہ پاڪستاني شوبز شخصيتن کي لباس جي چونڊ ۾ حدن جو خيال رکڻ گھرجي ڇو تہ پاڪستان ھڪ اسلامي رياست آھي.

فضا علي جو چوڻ ھو تہ منھنجي خيال ۾ اداڪارائن کي پنھنجون حدون برقرار رکڻ گھرجن ڇو تہ اسان پاڪستان ۾ رھون ٿا، اسان کي پنھنجي ثقافت کي فالو ڪرڻ گھرجي، جيڪڏھن اداڪارائون بولڊ لباس پائين ٿيون تہ ان کي اسلامي رياست ۾ مناسب نٿو سمجھيو وڃي جنھن کانپوءِ تڪرار ۽ تنقيد جنم وٺي ٿي ڇو تہ ماڻھو پنھنجي اداڪارائن کي ان انداز ۾ ڏسڻ پسند نٿا ڪن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں