لائیو آمريڪي ڪانگريس ميمبر رشيده طليب جو اسرائيل لاءِ 3.3 ارب ڊالر فوجي امداد فوري طور روڪڻ جو مطالبو

فہرستِ مضامین

فلسطين ڄائي آمريڪي ڪانگريس ميمبر رشيده طليب چيو آهي ته آمريڪا کي اسرائيل کي فوجي امداد جي صورت ۾ وڌيڪ هڪ پئسو به نه ڏيڻ گهرجي۔

رشيده طليب اعلان ڪيو آهي ته هوءَ اسرائيل لاءِ 3.3 ارب ڊالر جي فوجي امداد روڪڻ واري بل جي حمايت ڪندي، جنهن تي هلندڙ هفتي ووٽنگ متوقع آهي۔

رشيده طليب جو چوڻ آهي ته اسرائيل فلسطين ۾ نسل ڪشي، لبنان ۾ نسلي بيدخلي ۽ ايران ۾ جنگي ڏوهن جو مرتڪب ٿي رهيو آهي، تنهنڪري ان لاءِ آمريڪي امداد بند ٿيڻ گهرجي۔

هن بل جي حمايت ڪندڙ ٻين ڪانگريس ميمبرن ۾ اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪورٽيز، گريگ ڪاسر ۽ الهان عمر پڻ شامل آهن۔

هي بل ٿامس ميسي پيش ڪيو آهي، جيڪو پرڏيهه ۾ آمريڪي فوجي مداخلتن جو مخالف آهي۔

ٿامس ميسي ايران خلاف جنگ جي به مخالفت ڪئي هئي، جنهن سبب هو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناراضگي جو به شڪار ٿي چڪو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں