آمريڪي نوڪريون آمريڪين لاءِ آهن، پرڏيهي فراڊين لاءِ نه: جي ڊي وينس

فہرستِ مضامین

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ايڇ-1 بي ويزا جي جاچ بابت موقف ڏيندي چيو آهي ته ايڇ-1 بي ورڪ ويزا پروگرام جو مقصد باصلاحيت پرڏيهي ماهرن کي قانوني طريقي سان آمريڪا ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ هو.

هن چيو ته ڪجهه وڏيون ڪمپنيون ۽ پرڏيهي عنصر هن نظام جو ناجائز فائدو وٺي آمريڪي ڪارڪنن جي مفادن کي نقصان پهچائي رهيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، آمريڪا ۾ غير ملڪي ماهر ۽ هُنرمند پروفيشنلز کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ايڇ-1 بي ورڪ ويزا پروگرام ٽرمپ انتظاميه جي هينئر تائين جاري وڏين فراڊ جاچن مان هڪ جو حصو بڻجي ويو آهي.

هن موقعي تي نائب صدر جي ڊي وينس انهن ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي، جن تي الزام لڳايو پيو وڃي ته هو آمريڪي نوڪرين جي قيمت تي ويزا نظام جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن.

وِسڪونسن رياست جي شهر ملواڪي ۾ وِسڪونسن ايئر نيشنل گارڊ جي 128هين ايئر ريفيولنگ وِنگ بيس جي دوري دوران جي ڊي وينس چيو ته آمريڪي محنت واري کاتي اڳ ئي ڪيترن ئي ماڻهن ۽ ادارن خلاف سمن جاري ڪري چڪو آهي، ۽ سندس چوڻ موجب پرڏيهي فراڊين پاران ويزا پروگرام جي مبينا غلط استعمال جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته اسان وٽ ايڇ-1 بي ويزا پروگرام موجود آهي، ۽ اهو ظاهر ڪري ٿو ته فراڊ ٽاسڪ فورس ڪيتري وڏي پيماني تي ڪم ڪري رهي آهي. اسان نه رڳو ٽيڪس ڏيندڙن جي پئسن جو تحفظ ڪري رهيا آهيون، پر اهو به يقيني بڻائي رهيا آهيون ته فراڊ ڪندڙ ماڻهو ويزا پروگرامن جو ناجائز فائدو نه وٺي سگهن.

جي ڊي وينس چيو ته هن پروگرام جو بنيادي مقصد ڪنهن غير معمولي ٽيڪنالاجي ماهر، ممتاز سائنسدان يا بهترين ڊاڪٽر کي آمريڪا ۾ قانوني طريقي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ هو، پر وقت سان گڏ ان مقصد کان انحراف ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته اڄڪلهه ڪيتريون ئي وڏيون ڪمپنيون ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ موجود فراڊ ڪندڙ عنصر هن پروگرام کي آمريڪي ڪارڪنن جون پگهارون گهٽ رکڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته انهيءَ ڪري ٽرمپ انتظاميه واضح ڪري رهي آهي ته هاڻي ائين وڌيڪ نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن ويزا پروگرام جو ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪندو ته ان کي آمريڪا ۾ داخلا جي اجازت نه ڏني ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں