لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ): آمريڪي اداڪارا ۽ ٽي وي اسٽار هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. اداڪارا جي موت جي تصديق سندس ترجمان پاران ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس اوچتي موت جي حتمي سبب بابت في الحال ڄاڻ سامهون ناهي آئي.
ميڊيا رپورٽن موجب هيڊن پنيٽيئر کي 2005ع جي مشهور ڊزني فلم ’آئس پرنسس‘ (Ice Princess) مان خاص شهرت ملي، جنهن ۾ هن اداڪارا مشيل ٽريچٽن برگ سان گڏ اداڪاري ڪئي هئي.
هيڊن پنيٽيئر آمريڪي ٽي وي سيريز سان گڏ مختلف فلمن ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيا ۽ پنهنجي اداڪاري سبب مداحن ۾ مقبوليت حاصل ڪئي.
رپورٽن موجب ’آئس پرنسس‘ ۾ سندس ساٿي اداڪارا مشيل ٽريچٽن برگ پڻ گذريل سال فيبروري ۾ 39 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.
هيڊن پنيٽيئر جي اوچتي لاڏاڻي جي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سندس مداحن ۽ شوبز دنيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن پاران ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
اداڪارا جي موت جو حتمي سبب اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻ جو انتظار آهي.