آمريڪا ۽ ايران جون دعوائون: آبنائي ھرمز تي اصل ڪنٽرول ڪنھن جو آھي؟

فہرستِ مضامین

واشنگٽن/تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان معاهدي جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته تهران اختلافن باوجود معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر سندس خيال ۾ ايران اڃا ”صحيح معاهدي“ لاءِ تيار ناهي. ٻئي طرف ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي

ڪمانڊر ان چيف احمد وحيدي چيو آهي ته ايران دشمنن جي خطرن خلاف مضبوط دفاعي حصار قائم ڪري ورتو آهي ۽ دفاعي توڙي باز رکڻ واري صلاحيتن ۾ وڌيڪ واڌ جي حڪمت عملي جاري رکڻ ئي مؤثر رستو آهي.

ٽرمپ ڏکڻ ڪيرولائنا روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر سندس خيال ۾ تهران اهڙي معاهدي لاءِ تيار ناهي، جنهن کي آمريڪا ”صحيح معاهدو“ سمجهي ٿو.

آمريڪي صدر دعويٰ ڪئي ته ايران وٽ پئسو، بحري فوج ۽ هوائي فوج جي کوٽ آهي. سندس چوڻ موجب تهران پنهنجي فوجين ۽ پوليس اهلڪارن کي به پگهارون ادا نه ڪري رهيو آهي.

ٽرمپ ايران ۾ مهانگائي جي شرح 350 سيڪڙو تائين پهچڻ جي به دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته هاڻي ڏسڻو آهي ته صورتحال اڳتي ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿي.

ٽرمپ آبنائي هرمز جي صورتحال بابت ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته آمريڪا وٽ سڄي خطي تي مڪمل ڪنٽرول آهي، جنهن ۾ آبنائي هرمز ۽ ان سان لاڳاپيل زميني علائقا پڻ شامل آهن.

هن ان کان اڳ آبنائي هرمز کي ”آمريڪي علائقو“ قرار ڏيڻ بابت به بيان ڏنو هو، جنهن تي ايران طرفان سخت ردعمل سامهون آيو.

آبنائي هرمز عالمي تيل جي واپار لاءِ انتهائي اهم سامونڊي گذرگاهه آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب هن سامونڊي رستي تان تيل ۽ ٻين شين جي آمدرفت بابت خدشا وڌي ويا آهن.

ٻئي طرف ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي ڪمانڊر ان چيف احمد وحيدي چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ ايران جي دفاعي ۽ جارحاڻي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حڪمت عملي جاري رکڻ ئي واحد دانشمندانه ۽ اثرائتو رستو آهي.

ايراني ميڊيا موجب، قومي دفاعي صنعت جي ڏينهن جي موقعي تي وزير دفاع ڏانهن موڪليل پيغام ۾ احمد وحيدي چيو ته جنگ جو ميدان نئين نوعيت جي گڏيل ۽ فوجي جارحيت کي منهن ڏئي رهيو آهي.

احمد وحيدي دعويٰ ڪئي ته ايران پنهنجي دشمنن ۽ ملڪ کي درپيش خطرن خلاف مضبوط دفاعي حصار قائم ڪري ورتو آهي.

هن پابندين جي سخت دور باوجود ايران جي دفاعي صنعت جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته دفاعي صنعت ملڪ جي دفاعي، جارحاڻي ۽ دشمن کي روڪڻ واري صلاحيت وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

ايراني پاسدارانِ انقلاب جي سربراهه موجب موجوده صورتحال ۾ ايران کي پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ سان گڏ دشمنن کي روڪڻ واري طاقت ۾ پڻ واڌ جاري رکڻ گهرجي.

هڪ طرف ٽرمپ ايران کي معاهدي لاءِ تيار نه هجڻ ۽ معاشي توڙي فوجي ڪمزورين جو شڪار قرار ڏئي رهيو آهي، ته ٻئي طرف تهران پنهنجي دفاعي طاقت وڌائڻ ۽ دشمنن کي روڪڻ واري صلاحيت مضبوط ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جا امڪان، آبنائي هرمز جي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ خطي جي مستقبل لاءِ اهم سوال بڻجي ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں