لائیو آمريڪا جون ايران تي نيون پابنديون، مالي مدد فراھم ڪندڙ 13 ماڻهن سميت ڪيترا ئي ادارا بليڪ لسٽ

فہرستِ مضامین

آمريڪا ايران تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي جي مبينا مالي مددگار علي انصاري سميت 13 ماڻهن ۽ مختلف ادارن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خبر ايجنسي موجب، آمريڪا دبئي ۾ رهندڙ ايراني بينڪر ۽ واپاري علي انصاري تي پاسدارانِ انقلاب ۽ ايراني حڪومتي شخصيتن کي مالي سهڪار فراهم ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي.

آمريڪا علي انصاري سميت 13 ماڻهن ۽ مختلف ادارن کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ ايران جا 3 ايڪسچينج هائوسز ۽ ڪيتريون ئي فرنٽ ڪمپنيون پڻ شامل آهن.

آمريڪي ناڻي واري کاتي موجب، انهن پابندين جو مقصد ايراني قيادت جي عالمي مالياتي نظام تائين پهچ کي محدود ڪرڻ ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي ذريعن کي روڪڻ آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں