آمريڪا ايران کي خبردار ڪري ڇڏيو، آبنائي هرمز بابت عوامي اعلان جو مطالبو

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايگزيئوس ٽن آمريڪي عملدارن جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته ٽرمپ انتظاميه ايران کي چيو آهي ته هو عوامي طور اعلان ڪري ته آبنائي هرمز جهازراني لاءِ کليل آهي ۽ واپاري جهازن تي حملا بند ڪيا وڃن.

ايگزيئوس موجب آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته واشنگٽن علائقائي ثالثن ذريعي اهو پيغام سڌو سنئون تهران تائين پهچايو آهي.

آمريڪا جو چوڻ آهي ته واپاري جهازن تي تازا حملا ان مفاهمتي يادداشت جي ڀڃڪڙي آهن، جنهن تي ٽي هفتا اڳ ٻنهي ڌرين صحيحون ڪيون هيون، ۽ هن بحران ان نازڪ معاهدي کي ٽٽڻ جي ڪنڌيءَ تي آڻي ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي اڄ مسقط ۾ عمان جي پرڏيهي وزير بدر البوسعيدي سان ملاقات ڪندو، جتي آبنائي هرمز جي بحران ۽ سامونڊي سلامتي بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.

آمريڪي عملدارن کي اميد آهي ته ملاقات کان پوءِ ايران حملن کي روڪڻ ۽ جهازراني جا رستا کليل رکڻ بابت عوامي بيان جاري ڪندو. هڪ آمريڪي عملدار خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران اهڙو قدم کڻڻ کان انڪار ڪيو ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا.

ٻئي طرف، ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته تهران آبنائي هرمز ۾ جهازراني جي آمدرفت کي معمول تي آڻڻ جي خاص ذميواري قبول ڪري ورتي آهي ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ عمان سان سهڪار ڪندو، جڏهن ته آمريڪا سان ڳالهين جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں