برطانوي ميڊيا “انڊپينڊنٽ” دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدي بابت اهم پيش رفت ٿي آهي۔
وائيٽ هائوس جي هڪ سينيئر آفيسر موجب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معاهدي تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن تحت آبنائي هرمز ٻيهر کوليو ويندو۔
ذريعن موجب اهو معاهدو آمريڪي صدر جي بنيادي هدفن سان هم آهنگ آهي، جن ۾ آبنائي هرمز ۾ بحري آمدرفت جي بحالي ۽ ايران جي جوهري پروگرام جو خاتمو شامل آهي۔
ٻئي طرف ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آھي تہ آمريڪا سان امن معاھدو پھريان کان ڪافي ويجھو اچي چڪو آھي.
ھوڏانھن پاڪستان جي وزيراعظم شھباز شريف بہ دعويٰ ڪئي آھي تہ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاھدي جو حتمي ۽ متفقہ مسودو تيار ٿي چڪو آھي.
وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تہ امن ڪڏھن بہ ايترو ويجھو نہ ھو جيترو ھينئر آھي.
ايراني سرڪاري ميڊيا مطابق معاھدي ۾ آبنائي ھرمز کي ٻيھر کولڻ ۽ لبنان ۾ جاري جنگ جي خاتمي بابت بہ نقطا شامل آھن.