آبنائي هرمز مان نڪرندڙ آئل ٽينڪر تي 3 نامعلوم پروجيڪٽائلز سان حملو

فہرستِ مضامین

مسقط(انٽرنيشنل ڊيسڪ): عمان جي خصب شهر ڀرسان آبنائي هرمز مان ٻاهر نڪرندڙ هڪ آئل ٽينڪر کي ٽن نامعلوم پروجيڪٽائلز سان نشانو بڻائڻ جو اطلاع مليو آهي. برطانوي بحري واپاري اداري UKMTO موجب واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي جاني نقصان يا ماحولياتي نقصان جي رپورٽ ناهي ٿي.

برطانوي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز (UKMTO) موجب واقعو عمان جي خصب کان 17 ناٽيڪل ميل اوڀر ۾ پيش آيو.

UKMTO ٻڌايو ته آئل ٽينڪر آبنائي هرمز مان ٻاهر نڪرڻ وارو سفر مڪمل ڪري رهيو هو ته ان دوران کيس ٽن نامعلوم پروجيڪٽائلز سان نشانو بڻايو ويو.

واقعي کانپوءِ هن وقت تائين ڪنهن به ڌر طرفان حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ بابت تصديق ٿيل اطلاع سامهون ناهي آيو، جڏهن ته معاملي جي جاچ جاري آهي.

برطانوي بحري اداري موجب واقعي ۾ ٽينڪر جي عملي مان ڪنهن جي فوت يا زخمي ٿيڻ جي اطلاع ناهي ملي، جڏهن ته سمنڊ ۾ تيل ليڪ ٿيڻ يا ڪنهن ٻئي ماحولياتي نقصان جي به رپورٽ ناهي ٿي.

آبنائي هرمز ۾ تازو وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ سامونڊي جهازن کي پيش ايندڙ خطرن جي پسمنظر ۾ هي واقعو سامونڊي واپار ۽ عالمي توانائي جي فراهمي بابت خدشن کي وڌيڪ وڌائي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں