آبنائي هرمز بابت مفاهمت ويجهو، آمريڪا واعدن تي عمل لاءِ تيار: ايران

فہرستِ مضامین

تهران (ويب ڊيسڪ): ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته آمريڪا طرفان اهڙا اشارا مليا آهن ته هو اڳوڻن واعدن تي ٻيهر عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته آبنائي هرمز بابت ايران ۽ عمان وچ ۾ نئين انتظام تي مفاهمت پڻ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

ايراني ميڊيا موجب، ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آبنائي هرمز بابت ايران ۽ عمان وچ ۾ نئين انتظام تي مفاهمت آخري مرحلي ۾ آهي.

هن چيو ته ايران ۽ عمان جي مفاهمت جو مطلب اهو ناهي ته آبنائي هرمز کي مڪمل طور کوليو ويندو، جڏهن ته نئون انتظام گذريل 60 سالن کان لاڳو نظام کان مختلف هوندو. سندس چوڻ هو ته جهازن جي آمدرفت واري رستي جو اهم حصو ايراني سامونڊي حدن مان گذرندو.

ڪاظم غريب آبادي وڌيڪ چيو ته جهازن کان ٽرانزٽ فيس بابت فيصلو ايراني قيادت جي پاليسي ۽ آمريڪا جي رويي تي دارومدار رکندو.

ايراني نائب پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا طرفان اهڙا اشارا مليا آهن ته هو اڳوڻن واعدن تي ٻيهر عمل ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

رپورٽن موجب، ايران ۽ عمان وچ ۾ مفاهمت طئي ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ به ممڪن معاهدي جا امڪان وڌي ويا آهن، جنهن سان خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ ۽ سفارتي اڳڀرائي جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں