ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ دوران خانگي ايئرلائن جي جهاز سان پکي ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جهاز کي شديد نقصان پهتو، جڏهن ته جهاز ۾ سوار سمورا مسافر محفوظ رهيا.
ذريعن موجب لينڊنگ دوران پکي جهاز سان ٽڪرائجڻ سبب جهاز کي نقصان پهتو، جنهن کانپوءِ ايئرپورٽ اختيارين جهاز کي فني ڪليئرنس ملڻ تائين گرائونڊ ڪري ڇڏيو آهي.
ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته جهاز جي جاچ ۽ ڪليئرنس مڪمل ٿيڻ تائين ان کي اڏام جي اجازت نه ڏني ويندي.