لائیو يمن ۾ تسليم ٿيل حڪومت موجود، سعودي عرب وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي عرب وال اسٽريٽ جرنل جي ان رپورٽ کي بي بنياد ۽ من گهڙت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته يمن جي حوثي باغين سعودي عرب کان پنهنجون فوجي ڪارروايون بند ڪرڻ جي بدلي 51 ارب ڊالر ۽ يمن تي پنهنجي حڪمراني تسليم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سعودي عرب جي نائب وزير براءِ پبلڪ ڊپلوميسي ڊاڪٽر رائد ڪريملي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ ۾ ڪيل دعوائن جي سختي سان ترديد ڪئي. سندس چوڻ هو ته انهن دعوائن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي ۽ اهي يا ته رپورٽ لکڻ وارن جي پنهنجي ٺاهيل ڪهاڻي آهن يا وري انهن مبينا ذريعن جون من گهڙت ڳالهيون آهن، جن جي بنياد تي خبر شايع ڪئي وئي.

ڊاڪٽر رائد ڪريملي واضح ڪيو ته يمن جي هڪ بين الاقوامي طور تسليم ٿيل حڪومت موجود آهي، تنهن ڪري حوثين جي حڪمراني کي تسليم ڪرڻ بابت رپورٽ ۾ ڪيل دعويٰ حقيقتن جي ابتڙ آهي.

سعودي عهديدار وڌيڪ چيو ته حوثين يمن جي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي، جنهن سبب يمني عوام کي ڏڪار، غربت ۽ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته ملڪ کي اهڙن تڪرارن ۾ ڌڪيو ويو، جيڪي نه يمن ۽ نه ئي ان جي عوام جي مفاد ۾ آهن.

سندس چوڻ موجب حوثي باغين ڳاڙهي سمنڊ ۾ واپاري جهازن، شهري تنصيبات ۽ معاشي هدفن کي پڻ نشانو بڻايو، جڏهن ته امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪيل سمورين ڪوششن کي رد ڪندا رهيا آهن.

واضح رهي ته وال اسٽريٽ جرنل پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ايران جي حمايت يافته حوثي باغين سعودي عرب کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن فوجي ڪارروايون بند ڪرڻ جي بدلي 51 ارب ڊالر ڏنا وڃن ۽ يمن تي سندن حڪمراني کي تسليم ڪيو وڃي. سعودي عرب جي نائب وزير ان سڄي رپورٽ کي بي بنياد قرار ڏيندي ان جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں