ڪوئيٽا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجگور سان تعلق رکندڙ هڪ گهٽ عمر بلوچ عورت پاران مبينا طور فتنتہ الهندستان نالي تنظيم بابت اهم انڪشاف ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هن پنهنجي اڳوڻي عمل تي پشيماني جو اظهار ڪندي رياست سان وفاداري جو عهد پڻ ڪيو آهي.
نوجوان عورت پنهنجي والدين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي دعويٰ ڪئي ته چاچي جي قتل کانپوءِ تنظيم جي ماڻهن واٽس ايپ ذريعي ساڻس رابطو ڪيو ۽ بدلو وٺڻ لاءِ ڀڙڪايو.
عورت موجب کيس تنظيم لاءِ ٻين ڇوڪرين کي ڀرتي ڪرڻ جي ذميواري پڻ ڏني وئي هئي، جڏهن ته کيس فدائي بڻجڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر هن فتح اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته تنظيم بلوچ عورتن ۽ نوجوانن کي گمراهه ڪندڙ بيانئي ذريعي پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿي.
پريس ڪانفرنس دوران نوجوان عورت پنهنجي اڳوڻي عمل تي سخت پشيماني جو اظهار ڪندي عزم ڪيو ته هوءَ آئنده هميشه رياست سان وفادار رهندي.