تحرير: شڪيل سومرو
“سنڌ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ جڏهن قانون جو وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادو اسٽيج تان لٿو ته اوچتو هڪ شاگرد اڳيان اچي بيٺو… ۽ پوءِ جيڪو ٿيو، اهو اڄ به تاريخ جي سڀ کان تڪراري بحث جو موضوع آهي.
اڄ مان اوهان کي سنڌ جي شاگرد سياست جي هڪ اهڙي واقعي بابت ٻڌائڻ ٿو چاهيان، جيڪو صرف هڪ واقعو نه، پر هڪ پوري دور جي عڪاسي ڪري ٿو.
هي قصو آهي 28 اپريل 1973ع جو، جڏهن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪانووڪيشن جي سلسلي ۾ هڪ اهم تقريب ٿي رهي هئي. ان ڏينهن پاڪستان جي آئين جي خالق، وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادو کي اعزازي ڊگري ڏيڻ لاءِ ملڪ جون وڏيون شخصيتون گڏ ٿيون هيون.
بيگم نصرت ڀٽو، ممتاز علي ڀٽو، بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ ٻيا اهم اڳواڻ، پر سوال اهو آهي ته ڇا اها صرف هڪ اعزازي تقريب هئي؟
نه… بلڪل نھ. ان وقت سنڌ جي شاگردن ۾ قومي ۽ سياسي شعور موجود هو، ۽ 1973ع جي آئين تي به اختلاف موجود هئا.
جڏهن تقريب شروع ٿي، ۽ جيئن ئي عبدالحفيظ پيرزادو جو نالو سامهون آيو، ته يونيورسٽي جو ماحول اوچتو تبديل ٿي ويو.
سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، سيد غلام مصطفى شاه، هن تقريب جو ميزبان هو پر شايد هن کي اندازو نه هو ته هي تقريب تاريخ جو رخ بدلائي ڇڏيندي.
هڪ پاسي جساف جا شاگرد هئا، جيڪي آئين ۽ پيرزادي جي مخالفت ڪري رهيا هئا، ۽ ٻئي پاسي سپاف جا ڪارڪن هئا، جيڪي حڪومت جي حمايت ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. نعرا، تڪرار ۽ پوءِ اوچتو هنگامو شروع ٿي ويو.
حالت ايتري خراب ٿي وئي جو اسٽيج تائين ڌڪا لڳا، ۽ تقريب ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وئي ۽ ان هنگامي دوران گورنر بيگم رعنا لياقت علي خان ڏانهن به هٿ وڌايا ويا.
اهو منظر ڏسي وائيس چانسلر غلام مصطفى شاه ۽ انتظاميا سخت پريشان ٿي ويا، ۽ صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وئي.
سنڌ جي ان وقت جي وڏي وزير ممتاز علي ڀٽو مائيڪ تي اچي شاگردن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪئي ۽ ڪجهه دير لاءِ حالتون سنڀالجي ويون
پر اهو سڪون عارضي ثابت ٿيو.
ان ئي هنگامي دوران، جڏهن عبدالحفيظ پيرزادو اسٽيج تان لهي پنهنجي ڪار ڏانهن وڃي رهيو هو، ته هڪ نوجوان سندس سامهون اچي بيٺو. اهو نوجوان هو اسماعيل وساڻ. هو نعرو هڻي رهيو هو: “نئون آئين نه کپي!”.
چيو وڃي ٿو ته حفيظ پيرزادو ڪاوڙ ۾ اچي کيس گار ڏني، ۽ پوءِ جيڪو ٿيو، اهو سنڌ جي شاگرد سياست جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهندڙ لمحو بڻجي ويو.
اسماعيل وساڻ، وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادي کي چماٽ وهائي ڪڍي. ان کانپوءِ حالتون مڪمل طور بگڙي ويون پوليس ڪڙڪي پئي،
هوائي فائرنگ ٿي، گرفتاريون شروع ٿي ويون. ڪيترائي شاگرد گرفتار ٿيا، ڪي روپوش ٿي ويا، ان ئي هنگامي دوران، هڪ پوليس آفيسر پير بخش بلوچ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ شاگرد زخمي پڻ ٿيا.
واقعي کانپوءِ ڄامشورو جو ماحول مڪمل طور تبديل ٿي ويو پوليس ڪارروايون شروع ٿي ويون، گرفتاريون، ڇاپا، ۽ وارنٽ جاري ڪيا ويا. ڪيترائي شاگرد گرفتار ٿيا، ۽ ڪيترن ئي اڳواڻن کي روپوش ٿيڻو پيو. يونيورسٽي انتظاميا به سخت قدم کنيا.
شاه محمد شاه، امان الله شيخ، مدد علي سنڌي، عزيز ڀنگوار، سڪندر ڀنگوار، مولا بخش لغاري، يوسف جکراڻي ۽ ٻين ڪيترن شاگردن کي ٽن سالن لاءِ ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. هاسٽلون خالي ڪرايون ويون، ۽ سنڌ يونيورسٽي سميت ڄامشوري جا تعليمي ادارا اڻڄاتل مدي تائين بند ڪيا ويا.
اسماعيل وساڻ، امان الله شيخ ۽احمد خان شر کي گرفتار ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ۽ يونيورسٽي سميت ڄامشوري جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا.
هي واقعو رڳو هڪ شخص جي عمل جو نتيجو نه هو، پر اهو ان دور جي شاگرد سياست جي شدت، شعور ۽ مزاحمت جو اظهار هو.
اهو قصو اسان کي سيد شاه محمد شاه جي آتم ڪٿا“ڳالھھ اڙانگي پنڌ جي” ۾ تفصيل سان ملي ٿو، جيڪو پاڻ ان وقت جو اکين ڏٺو شاهد هو.
اڄ جڏهن اسان شاگرد سياست کي ڏسون ٿا، ته هڪ وڏو فرق محسوس ٿئي ٿو. ان وقت شاگردن وٽ اسٽڊي سرڪل هوندا هئا، سياسي تربيت ٿيندي هئي ته گڏو گڏ گروپ بندي جو به رجحان وڌي رهيو هو.
سنڌ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ وفاقي وزير عبدالحفيظ پيرزادي کي چماٽ لڳڻ وارو واقعو ان دور جي شاگرد سياست جو انتهائي حساس ۽ علامتي واقعو سمجهيو وڃي ٿو. ان وقت جي ڪجهه شاگرد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته اهو صرف هڪ انفرادي عمل نه هو، پر ان جي پٺيان سياسي ڇڪتاڻ به ڪارفرما هئي. خاص طور تي پيپلزپارٽي اندر ممتاز علي خان ڀٽو ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي وچ ۾ هلندڙ اختلافن جو اثر شاگرد سياست تي به پئجي رهيو هو. چيو وڃي ٿو ته يونيورسٽين ۾ موجود ڌڙا بندي به انهن وڏن سياسي جهيڙن جو عڪس هئي۔ انهي پسمنظر ۾ اهو واقعو رڳو هڪ چماٽ نه، پر ان دور جي سياسي اختلافن ۽ طاقت جي مقابلي جي علامت طور به ڳڻيو وڃي ٿو.