لائیو آمريڪي بچاءَ ۽ پرڏيهي وزير عهدن تي برقرار، وائيٽ هائوس استعيفيٰ وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا جي وائيٽ هائوس وچ مدي وارين چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي جي شڪست کانپوءِ بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ ۽ پرڏيهي وزير مارڪو روبيو کي عهدن تان هٽائڻ يا سندن استعيفيٰ بابت گردش ڪندڙ خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.

آمريڪي ميڊيا جي رپورٽن موجب بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسٿ کي عهدي تان هٽائڻ جا مطالبا زور وٺي رهيا آهن، خاص طور تي ايران سان جنگ کي منهن ڏيڻ ۾ سندس ڪردار تي تنقيد ڪئي پئي وڃي. ڪجهه سياسي حلقن جو خيال آهي ته ايران سان جنگ ريپبلڪن پارٽي جي چونڊن ۾ خراب ڪارڪردگي جو سبب بڻي آهي.

ڪانگريس مان رٽائر ٿيندڙ هڪ ريپبلڪن ميمبر چيو آهي ته هو ايندڙ هفتي پيٽ هيگسٿ خلاف مواخذي جي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿو.

تنقيد جي جواب ۾ پيٽ هيگسٿ وڊيو بيان جاري ڪندي پنهنجي ڪارڪردگي جو دفاع ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته مخالف مٿس ۽ سندس ساٿين تي ان ڪري حملا ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اثرائتو ڪم ڪري رهيا آهن، پر سندن ڪوششون ڪامياب نه ٿينديون ۽ هو پوئتي نه هٽندا.

ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو پڻ انهن خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هو 2028ع جي صدارتي چونڊن جي تياري لاءِ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ تي غور ڪري رهيو آهي.

نيويارڪ ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ مارڪو روبيو چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارتي مدت پوري ٿيڻ تائين ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ هميشه کان سندس منصوبو رهيو آهي. هن چيو ته کيس پنهنجو ڪم پسند آهي ۽ استعيفيٰ بابت خبرون بي بنياد آهن.

وائيٽ هائوس ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي پڻ انهن خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته وچ مدتي چونڊن ۾ ريپبلڪن پارٽي جي ناڪامي کانپوءِ مارڪو روبيو استعيفيٰ ڏئي سگهي ٿو.

ياد رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس ريپبلڪن پارٽي جي چونڊن ۾ شڪست جو ذميوار ايران سان جاري جنگ کي قرار ڏئي چڪا آهن.

اي بي سي نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو هو ته کيس پيٽ هيگسٿ بابت شڪايتون مليون آهن، پر سندس ارادو بچاءَ واري وزير کي عهدي تي برقرار رکڻ جو آهي.

بعد ۾ وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ پيٽ هيگسٿ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته هن شاندار ڪم ڪيو آهي. صدر پنهنجي بيان ۾ هيگسٿ جي ڪاميابين طور وينزويلا جي اڳواڻ نڪولس مادورو جي جنوري ۾ گرفتاري ۽ ايران سان جاري جنگ جو پڻ ذڪر ڪيو، جيڪا رپورٽ موجب نائين مهيني ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں