ميرپورخاص (رپورٽ: خوشحال داس): ميرپورخاص جي ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد ٽالپر ۾ مقرر ٽائون آفيسر ممتاز چنا کي ڪراچي ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) مختلف ڪرپشن ڪيسن جي سلسلي ۾ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
ممتاز چنا گذريل ٻن سالن کان ميرپورخاص جي مير شير محمد ٽالپر ٽائون ۾ ٽائون آفيسر طور مقرر هو، جڏهن ته وٽس ٽائون ڪميٽي ڊگهڙي جي چارج پڻ هئي.
ذريعن موجب، ڄاڻايل ٽائون آفيسر خلاف ٽائون جي ڪيترن ئي ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ، غيرقانوني پروموشنز، ملازمن کي مبينا طور ڊيوٽي کانسواءِ ڇڏڻ ۽ غيرحاضر ملازمن جي پگهارن مان حصو وٺڻ بابت اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آءِ اي کي لکيل شڪايتون ڏنيون وينديون رهيون هيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ممتاز چنا عمرڪوٽ، ٺٽي سميت ٻين علائقن ۾ پڻ مختلف عهدن تي مقرر رهيو آهي، جڏهن ته سندس خلاف عوامي سطح تي به اڳ ۾ بالا آفيسرن کي شڪايتون ڪيون وينديون رهيون هيون.
هوڏانهن ٽائون چيئرمين ولي محمد ناريجي ٽائون آفيسر ممتاز چنا کي حراست ۾ وٺڻ واري خبر جي تصديق ڪئي آهي.