لائیو ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالثي بابت معاملا پارليامينٽ ۾ پيش نہ ڪيا ويا: رضا رباني

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ثالثيءَ سان لاڳاپيل معاملن توڙي سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي معاهدي بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو، جڏهن ته قومي سلامتيءَ جهڙن اهم معاملن تي به پارليامينٽ ۾ بحث نه ٿيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ رضا رباني وفاقي حڪومت کي ياد ڏياريو ته اها آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق 6 کي نظرانداز نه ڪري، ڇاڪاڻ ته آئين تحت وفاقي ڪابينا گڏيل طور سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ آڏو جوابده آهي.

اڳوڻي چيئرمين سينيٽ مطالبو ڪيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ترت طلب ڪيو وڃي، ڀلي اهو بند ڪمري ۾ ئي ڇو نه ٿئي، پر اهم قومي ۽ دفاعي معاملن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں