لائیو محفوظ رستي جو تڪرار: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ کان پوءِ آبنائي هرمز مان تيل ۽ گئس جي فراهمي ڪيئن متاثر ٿي؟

فہرستِ مضامین

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ کان پوءِ آبنائي هرمز مان گذرندڙ سامونڊي ٽريفڪ ۾ به واضح گهٽتائي آئي آهي.

هن هفتي جي شروعات ۾ ٽن آئل ٽينڪرن تي حملن کان پوءِ آمريڪا ايران جي مختلف هنڌن تي بمباري ڪئي، جڏهن ته ايران خطي ۾ آمريڪي مفادن کي نشانو بڻايو آهي.

سامونڊي انٽيليجنس فرم ’ڪلپر‘ موجب، اربع ڏينهن رڳو 23 آئل ٽينڪر ۽ مال بردار جهاز هن اهم خليجي سامونڊي رستي مان گذريا، جڏهن ته هڪ هفتو اڳ اهو تعداد 47 هو.

هن هفتي نشانو بڻايل ٽئي جهاز عماني پاڻيءَ مان گذرندڙ ان رستي تي سفر ڪري رهيا هئا، جنهن جي سفارش آمريڪا ڪئي هئي. ايران بار بار چئي چڪو آهي ته واحد ’محفوظ‘ رستو اهو ٻيو رستو آهي، جيڪو سندس پنهنجي سامونڊي حدن مان گذري ٿو.

ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جهازن کي هن آبنائي مان آزاديءَ سان گذرڻ جي اجازت حاصل رهي آهي، جنهن ذريعي دنيا جي تيل ۽ گئس جي فراهمي جو 20 سيڪڙو، ڀاڻ جي فراھمي ۽ ٻيو اهم سامان منتقل ڪيو ويندو آهي.

آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن تي ٻڌل بحري گروپ جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن سينٽر (جي ايم آءِ سي) موجب، تڪرار شروع ٿيڻ کان اڳ هن آبنائي مان روزانو سراسري طور تي 138 جهاز گذرندا هئا.

28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران خلاف پهرين فوجي ڪارروايون شروع ٿيڻ کان پوءِ هن آبنائي مان گذرندڙ جهازن جو انگ گهٽجي روزانو رڳو چند جهازن تائين محدود ٿي ويو هو.

ايران آبنائي مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جهازن تي حملا ڪري ۽ سامونڊي بارودي سرنگون وڇائي عملي طور آبنائي کي بند ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته آمريڪا ايران جي بندرگاهن ڏانهن ايندڙ ۽ اتان ويندڙ سموري سامونڊي آمدرفت جو گهيرو ڪري ڇڏيو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں