لائیو وزيراعظم جي صدارت هيٺ سميڊا بابت اجلاس، ايس ايم ايز جي ترقي ۽ برآمد ۾ واڌ لاءِ اهم هدايتون

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سميڊا بابت جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن (ايس ايم ايز) جي ترقي، برآمدن ۾ واڌ ۽ صنعتي سهولتن جي واڌاري بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران سميڊا طرفان ايس ايم ايز کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ کنيل مختلف قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته وزيراعظم ايس ايم ايز جي قرضن تائين پهچ لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وزيراعظم برآمدن ۾ واڌ لاءِ ايس ايم ايز کي قرضن جي فراهمي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ننڍين ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ اثرائتيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

هن جنسن ۽ ميون جي پراسيسنگ بابت هارين کي آگاهي فراهم ڪرڻ، قرضن جي فراهمي سان لاڳاپيل خاص پراڊڪٽس تيار ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ ننڍين ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي فزيبلٽي تيار ڪرڻ سميت ٻين مرحلن ۾ سهڪار فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

وزيراعظم چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ ضروري آهن، جڏهن ته سميڊا نوجوانن، خاص طور تي عورتن جي انٽرپرينيوئرز کي صنعتون لڳائڻ ۾ سهڪار فراهم ڪري.

اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير مصدق ملڪ، خاص مددگار هارون اختر، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ شعبي جي ماهرن پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته صوبائي عملدار ۽ ماهر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں