هنڱورجا (رپورٽ: عظيم سهتو): هنڱورجا ڀرسان ڳوٺ محمد مٺل جهانگر جي پرائمري اسڪول کي استاد نه هجڻ سبب تالا لڳل هجڻ ۽ ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿيڻ بابت ڊبليو ٽي اين تي رپورٽ نشر ٿيڻ کانپوءِ تعليم کاتو جاڳي پيو.
رپورٽ نشر ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري پاران تعليم کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کان معاملي جو نوٽيس وٺڻ ۽ اسڪول کولڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪرڻ کانپوءِ اڄ اسڪول کوليو ويو.
اسڪول ۾ هڪ استاد مقرر ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ تدريسي عمل پڻ شروع ٿي ويو آهي.
اسڪول کلڻ ۽ استاد مقرر ٿيڻ کانپوءِ اسڪولي ٻارڙن ۽ والدين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي.
ڳوٺاڻن ۽ والدين پاران اسڪول کولڻ ۽ تدريسي عمل بحال ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ويو.