لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب حڪومت شهرين جي پرائيويسي ۽ حساس هنڌن جي سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي جاسوسي ۽ لڪ ڇپ ۾ رڪارڊنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزارن جي استعمال، خريد ۽ وڪري تي 30 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
پنجاب حڪومت جاسوسي لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزارن تي پابندي جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پابندي انهن اوزارن تي لاڳو ٿيندي، جن ذريعي 30 ڏينهن تائين لڪ ڇپ ۾ تصويرون، وڊيوز ۽ آواز رڪارڊ ڪري سگهجن ٿا.
پابندي هيٺ لڪل ڪيمرا لڳل عينڪ، قلم، ڪي چين ۽ اهڙا ٻيا اوزار شامل آهن. انهن اوزارن جي دڪانن ۽ آن لائن خريد ۽ وڪري تي به پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته لڪ ڇپ ۾ رڪارڊنگ ڪندڙ اوزار شهرين جي ذاتي زندگي، حساس معلومات ۽ اهم تنصيبات جي سيڪيورٽي لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.
پابندي جو مقصد خاص طور عورتن ۽ ٻارن جي عزت ۽ ذاتي زندگيءَ جو تحفظ يقيني بڻائڻ آهي.
جڏهن ته ليپ ٽاپ، ٽيبليٽس، موبائل فونز ۽ پي ٽي اي کان منظور ٿيل ٽرمينل ڊوائيسز کي پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي.