لائیو پاڪستان ڀارت ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کيڏڻ کان ڇو انڪار ڪيو؟

فہرستِ مضامین

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ جي ميدان تي جاري ڇڪتاڻ دوران پاڪستان اوور 50 ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ عالمي ڪپ ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع نه ڪري سگهندي. پاڪستان حڪومت طرفان شرڪت جي اجازت نه ملڻ سبب ٽيم 2027ع ۾ ڀارت ۾ شيڊول اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اوور 50 ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 23 جنوري کان 7 فيبروري 2027ع تائين ڀارت جي شهر حيدرآباد دکن ۾ شيڊول آهي. پاڪستان 2025ع ۾ سريلنڪا ۾ ٿيل گذريل ايڊيشن جو چيمپيئن رهيو هو، تنهن ڪري ٽيم کي دفاعي چيمپيئن جي حيثيت سان هن ڀيري به ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪرڻي هئي.

پاڪستان ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين فواد اعجاز خان موجب، ڀارتي ويٽرنز ڪرڪيٽ اختيارين پاڪستاني ٽيم کي ويزا جاري ڪرڻ ۽ اعليٰ سطح جي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.

هن ٻڌايو ته پاڪستان ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن عالمي ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ گهرو وزارت کان اجازت طلب ڪئي هئي، پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي طرفان شرڪت جي اجازت نه ڏيڻ بابت آگاهه ڪيو ويو.

فواد اعجاز خان چيو ته پاڪستان ويٽرنز ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪري ٿي، تنهن ڪري حڪومتي اجازت نه ملڻ سبب ٽيم عالمي ڪپ ۾ شرڪت نه ڪندي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان طرفان پنهنجي عالمي اعزاز جو دفاع نه ڪري سگهڻ تي افسوس آهي، جڏهن ته هن عالمي ڪپ جي منتظمين ۽ ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ سمورين ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں