لائیو ٽائيگر شروف تي فائرنگ، سلمان خان کانپوءِ اڪشي ڪمار جي گهر جي سيڪيورٽي بہ سخت

فہرستِ مضامین

بالي ووڊ ۾ اداڪارن جي سيڪيورٽي بابت ڳڻتي وڌي وئي آهي، ٽائيگر شروف جي گاڏي تي فائرنگ واري واقعي کانپوءِ سلمان خان ۽ اڪشي ڪمار جي رهائشگاهن جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڪشي ڪمار جي گهر ۾ بلٽ پروف شيشا لڳائڻ جو ڪم به جاري آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ٽائيگر شروف جي گاڏي تي فائرنگ واري واقعي جي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته مبينا حملي آورن جو اصل هدف سلمان خان هو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جوابدارن سلمان خان جي رهائشگاهه جي ريڪي ڪئي هئي، پر اتي سخت سيڪيورٽي ڏسي واپس هليا ويا.

رپورٽن موجب سلمان خان کي اختيارين طرفان واءِ پلس سيڪيورٽي فراهم ڪيل آهي، جڏهن ته سندس رهائشگاهه گليڪسي اپارٽمينٽس ۾ بلٽ پروف حفاظتي انتظامن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي.

ٻئي طرف اڪشي ڪمار جي گهر ٻاهران به پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن ۽ رهائشگاهه تي بلٽ پروف شيشا لڳائڻ جو ڪم جاري آهي.

واضح رهي ته آچر جي شام ممبئي جي علائقي جوهو ۾ ٽائيگر شروف جي گاڏي تي ان وقت فائرنگ ڪئي وئي، جڏهن هو فٽبال ميچ کيڏڻ کانپوءِ واپس وڃي رهيو هو.

واقعي جي سلسلي ۾ سومر ڏينهن راجسٿان جي شهر ڪوٽا مان ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيلن ۾ بهار جي شهر بيگوسرائي سان تعلق رکندڙ 22 ورهين جو هرتڪ عرف روشن، هرياڻا سان تعلق رکندڙ 18 ورهين جو ريحان ۽ ڦول سنگهه شامل آهن. رپورٽ موجب ٽنهي تي قتل جي ڪوشش جا الزام لڳايا ويا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں