ٺل (رپورٽ: قربان بلوچ): ٺل ۾ جهيڙي دوران 25 ورهين جو نوجوان قتل ٿي ويو، پوليس واقعي جي الزام هيٺ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو.
واقعو ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ در محمد نوناري واري علائقي ۾ پيش آيو، جتي جهيڙي دوران ڪريم بخش پٽ امير بخش فوت ٿي ويو.
واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي وئي ۽ عابد ڊول پٽ بشير ڊول کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته فوتي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ان موقعي تي مقتول نوجوان جي چاچي محمد پنڃل ڀٽي الزام هنيو ته نوناري ۽ ڊول برادرين جي ماڻهن لٺين سان حملو ڪري سندس ڀائٽي کي قتل ڪيو آهي.
هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي، ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.