لائیو منھڙو ڀرسان ڳوٺاڻن جو قمر آباد پوليس جي ظلمن خلاف احتجاج

فہرستِ مضامین

منھڙو (رپورٽ: واحد بخش لاشاري): منھڙو ڀرسان ڳوٺ دائم ڪلھوڙو جي رهواسين معصوم نياڻين سميت قمر آباد پوليس جي مبينا زيادتين خلاف منھڙو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

دلبھار عرف بڊو ڪلھوڙو، اعتبار ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته هو غريب مسڪين ماڻهو آهن ۽ دائم ڪلھوڙو اسٽاف تي سبزيءَ جو ننڍڙو دڪان هلائي پنهنجي معصوم ٻچن جو پيٽ پالين ٿا.

هنن الزام هنيو ته قمرالدين ٿاڻي جي پوليس هڪ ئي مهيني اندر سندن خلاف ٽي ايف آءِ آرون داخل ڪري ساڻن ناانصافي ڪئي آهي. پوليس پاران کين چيو وڃي ٿو ته سندن نالو لسٽ ۾ شامل آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس جي مبينا زيادتين کان تنگ ٿي هو تحفظ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن.

هنن تڪ جي ايم پي اي ۽ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد، ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ڊي ايس پي مورو ميڊم فائزہ سوڍر کي اپيل ڪئي ته هڪ مهيني اندر داخل ڪيل ٽنهي ايف آءِ آرن جي شفاف جاچ ڪرائي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

احتجاج ڪندڙ دلبھار عرف بڊو ڪلھوڙو اختيارين کي اپيل ڪندي چيو ته کيس انصاف فراهم ڪيو وڃي، جيئن هو سخت ذهني پريشانيءَ مان نڪري سگهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں